دُنيا جو بهترين ادب

دُنيا جو بهترين ادب

دُنيا جو بهترين ادب

دُنيا جو بهترين ادب (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ سنڌ هند جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم، جيوَت چاولا جي وڏن ليکڪن: ڪرشنچندر، سعادت حسن مـنـٽـو، حـامـد جـلال، شِـوَ ڪـانت ڀٽـاچـاريه، خواجه احمد عباس، مهيندرناٿ، ولاديمير بابلـيـڪ، ويـراڪڪيـنـو، چيـخوف، بالزاڪ، موپاسان ۽ ٻين جون ترجمو ڪيل 23 ڪهاڻيون ۽ خود سندس 3 ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ اردو، هندي، مراٺي، روسي، بنگالي، فرينچ ۽ سنڌيءَ جون بهترين ڪهاڻيون ’دنيا جو بهترين ادب‘ جي نالي سان ڏنيون ويون آهن. هي ڪتاب جيوَت چاولا جي جنم ڏينهن تي، سندس ياد ۾ ڪملا چاولا، پونم چاولا ۽ انولکي پرياڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪ جي شخصي ڊائري، سنڌ ۾ ڇپيل چونڊ شعر وغيره به ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 250 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب امرتا آنند پبليڪيشن، ممبئي (انڊيا) طرفان 1996ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 65 روپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو